ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) نئين سال جي موقعي تي گڏيل عرب امارات ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.اماراتي فيول پرائس ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پيٽرول ۾ تقريبن 12 رپيا ۽ ڊيزل ۾ 22 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.پيٽرول سپر 98 جي قيمت 2.53 درهم في ليٽر (193.23 رپيا) ٿي وئي آهي. ڊسمبر ۾، قيمت 2.70 درهم في ليٽر (تقريبن 206.78 رپيا) هئي.پيٽرول اسپيشل 95 جي قيمت 2.42 درهم في ليٽر (تقريبن 184.28 رپيا) هوندي. ڊسمبر ۾، قيمت 2.58 درهم في ليٽر (تقريبن 197.82 رپيا) هئي.










