اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين فنڊ نه ملڻ جا امڪان

اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين فنڊ نه ملڻ جا امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين چونڊن لاءِ فنڊ نه ملڻ جو امڪان آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان به تصديق ڪئي آهي ته اداري کي اڃا تائين فنڊ نه مليا آهن.ٻئي طرف حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين چونڊن لاءِ فنڊ ملڻ جو ڪو به امڪان ناهي ڇو ته 10 اپريل تائين اقتصادي رابطا ڪميٽي جو ڪو به اجلاس نه ٿيڻ جو امڪان آهي.وزيراعظم کي سرڪيوليشن سمري مان فنڊز جي منظوري جو اختيار آهي.اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن لاءِ حڪومت کان 21 ارب رپيا طلب ڪري ورتا آهن، سپريم ڪورٽ ناڻي واري وزارت کي 10 اپريل تائين فنڊز اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.30 نومبر تي اقتصادي رابطا ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي 47 ارب مان 15 ارب جو مطالبو منظور ڪيو جيڪو عام چونڊن لاءِ نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو