اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غير آئيني آهي، غير متوقع ناهي، انشاءَ الله اهو فيصلو به رد ڪيو ويندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته قوم عمران خان سان گڏ بيٺي آهي، مخالف عمران خان جي مقبوليت کان ڊڄن ٿا.هن چيو ته فيصلو لکي رڳو روشني ضايع ڪئي وئي آهي، عوام ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عدالت به ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي.هن چيو ته پاڪستان هن وقت بدترين معاشي بحران جو شڪار آهي.










