اليڪشن ڪمشنر سان بدسلوڪي، سائل جي عدالت مان نيڪالي

اليڪشن ڪمشنر سان بدسلوڪي، سائل جي عدالت مان نيڪالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان جي پارٽي چيئرمين شپ واري معاملي تي ٻڌڻي دوران بدتميزي ڪرڻ تي درخواستگذار کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو.اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جو وڪيل بئريسٽر گوهر ۽ درخواستگذار آفاق احمد اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران درخواستگذار آفاق احمد چيف اليڪشن ڪمشنر کي مسلسل ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن غلط ايڊريس تي نوٽيس موڪليا آهن، عملي کي ٺيڪ ڪيو وڃي.ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوچتو ڳالهائڻ سان اوهان جي دٻاءَ ۾ نه اينداسين.چيف اليڪشن ڪمشنر جي منع ڪرڻ باوجود درخواستگذار آفاق احمد شور مچائيندو رهيو، جنهن تي سڪندر سلطان کيس گرفتار ڪري عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر جي حڪم تي درخواستگذار کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته سڪندر سلطان راجا آفاق احمد جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.چيف اليڪشن ڪمشنر جي حڪم تي درخواستگذار معافي جي درخواست ڪئي پر سڪيورٽي اهلڪار آفاق احمد کي لات مار ڪري عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو