لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سلطان تنوير احمد اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.جسٽس سلطان تنوير احمد شهري منير احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ اظهر صديق عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ مختلف سياسي پارٽين کي ڌر بنايو ويو آهي.جسٽس سلطان تنوير احمد ريمارڪس ڏنا ته موجوده درخواست سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تشريح بابت آهي. مان لاهور هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ تي دستياب نه هوندس. ان لا مان اڄ ئي ڪيس جو فائل وقتي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻي رهيو آهيان.درخواستگذار جو موقف آهي ته ايڪٽ جي ذريعي سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي فيصلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 جو اطلاق ماضي سان نٿو ٿي سگهي.استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي. درخواستگذار جي حتمي فيصلي تائين پي ٽي آءِ کان علاوه ڪنهن ٻئي پارٽي کي مخصوص سيٽون ڏيڻ کان روڪيو وڃي.










