القادر ٽرسٽ ڪيس،بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور

القادر ٽرسٽ ڪيس،بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي 23 مئي تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.بشريٰ بي بي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي بانڊ جمع ڪرايو هو.عدالت درخواستگذار بشرا بي بي جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سڪيورٽي سبب بشرا بي بي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿي سگهي، عدالت ڪجهه وقت ڏئي.وڪيل جي درخواست تي عدالت 2 وڳي تائين پيش ٿيڻ جو وقت ڏنو، جسٽس شهباز رضوي چيو ته 2 لڳي 16 منٽن تي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏينداسين.عدالت طرفان ڏنل وقت جي 10 منٽن کانپوءِ بشرا بي بي عدالت ۾ پيش ٿي.جسٽس شهباز رضوي چيو ته جيڪو وقت ڏنو ويو، درخواستگذار کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها، اهو وڪيل ۽ عدالت ٻنهي لاءِ شرمناڪ آهي.عدالت بشرا بي بي جي 23 مئي تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو