الحمدالله عدالت منهنجي موقف کي درست تسليم ڪيو: عمر فاروق

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي عمر فاروق چيو ته الحمدالله عدالت منهنجي موقف کي درست تسليم ڪري ورتو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمر فاروق ظهور چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي ڪرپشن ثابت ٿي، عدالت منهنجو موقف درست تسليم ڪري ورتو، پي ٽي آءِ چيئرمين ويهه لک ڊالرز ۾ مون کي گهڙي وڪرو ڪئي. عمر فاروق ظهور جو چوڻ هو ته عدالت ۾ ثبوتن سان منهنجي موقف جي تصديق ٿي، گهڙي فرح گوگي ذريعي دبئي ۾ کپائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو