اقتصادي ڪائونسل  اجلاس ۾ ترقياتي پروگرام ۽ اهم معاشي هدفن جي منظوري

اقتصادي ڪائونسل اجلاس ۾ ترقياتي پروگرام ۽ اهم معاشي هدفن جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، ڪائونسل اهم معاشي هدفن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪائونسل ايندڙ مالي سال لاءِ سالياني ترقياتي پروگرام جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ سنڌ، ڪي پي ڪي (خيبر پختونخوا) ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ پنجاب جي نمائندگي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ گفتگو ڪندي چيو ته بجيٽ جي حوالي سان صوبن سان ڪيترن ئي هفتن کان مشاورت جاري آهي، صوبن سان وڌيڪ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي، وڌ کان وڌ وسيلا پيدا ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي، دفاع لاءِ وسيلن جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت کي وڏن چئلينجن جو سامھون ڪرڻو پيو، ٽيم ورڪ جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪيا، خطي جي صورتحال جي ڪري تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن، صوبن ان حوالي سان ڀرپور تعاون ڪيو، اڄ ميڪرو سطح تي ملڪي معيشت مستحڪم آهي. وزيراعظم روزگار جا موقعا، برآمدات، معاشي بهتري ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ سڀني جي گڏيل ذميواري قرار ڏيندي چيو ته مشڪلاتن جي باوجود ڪوشش ڪئي ته آءِ ايم ايف (IMF) پروگرام تي عمل پيرا رهون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته تيل جي قيمتن جي مد ۾ عوام کي 128 ارب روپين جو ريليف فراهم ڪيو، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پيٽرول پمپن تي قطارون ڏسڻ ۾ آيون، وقتائتن قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ عوام کي پيٽرول دستياب رهيو، اسان عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو سڀ ٽيم ورڪ جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو. وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل پي ايس ڊي پي (PSDP) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي جو حجم 1000 ارب روپيا رکيو ويو آهي.
روان مالي سال ۾ به حڪومت اڪثر معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي: ذريعا
ذريعن موجب، روان مالي سال جو قومي اقتصادي سروي سڀاڻي ڏينهن جو 2 وڳي کانپوءِ جاري ڪيو ويندو، جنهن ۾ 2025-26 دوران حڪومتي معاشي ڪارڪردگي جو اسڪور ڪارڊ جاري ٿيندو. ذريعن ٻڌايو ته روان مالي سال ۾ به حڪومت اڪثر معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جي ڊي پي گروٿ (GDP Growth) 4.2 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 3.7 سيڪڙو تائين محدود رهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ اي ڊي بي (ADB) کي به پاڪستان جي جي ڊي پي گروٿ گهٽ رهڻ جي اميد آهي. ذريعن موجب، روان مالي سال دوران في کس آمدني (Per Capita Income) جو ساليانو هدف پورو نه ٿي سگهيو، دستاويز موجب روان مالي سال ۾ في کس آمدني جو هدف 5 لک 60 هزار 803 روپيا هو، جڏهن ته رواني سال في کس آمدني 5 لک 33 هزار 629 روپين تائين محدود رهڻ جو امڪان آهي، ڊالر ۾ في کس آمدني 150 ڊالر جي اضافي سان 1901 ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. دستاويز موجب، هن سال به زراعت ۽ صنعتي شعبي جي ترقي جو هدف پورو نه ٿي سگهيو، زرعي شعبي جي عارضي ڪارڪردگي 4.5 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 2.89 سيڪڙو رهي، صنعتي شعبي جي گروٿ 4.30 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 3.51 سيڪڙو تائين محدود آهي، جڏهن ته خدمتن جي شعبي (Services Sector) جي ترقي 4 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 4.09 سيڪڙو تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. سراسري مهانگائي (Inflation) 7.50 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 11 مهينن ۾ 7 سيڪڙو ۽ مئي ۾ 11.66 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو