اقتدار ۾ پوليس اڳيان ۽  جڏهن ناهي ته پوليس پويان هوندي آهي

اقتدار ۾ پوليس اڳيان ۽ جڏهن ناهي ته پوليس پويان هوندي آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف وضاحت ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ ميمبر پنهنجي خرچ تي حج تي وڃي رهيا آهن اقتدار ۾ پوليس اڳيان هوندي آهي ۽ اقتدار ۾ ناهن هوندا ته پوليس پٺيان هوندي آهي منهنجي درخواست آهي ته پروٽوڪول اسعتمال نه ڪريو وڏا وڏا پروٽوڪول ڏسي عوام گاريون ڏي ٿو تاحيات 12 ماڻهو، گاڏيون ۽ هيليڪاپٽر غريب ملڪ ان جي سٽ نٿو سگهي سگهي ماڻهن جو خوابن جون مراعتون وٺي مذاق اڏائڻ مناسب نه آهي جيڪڏهن ايترو ئي خدشو آهي ته سياست ڇڏي ڏيو وڃي ڪو ٻيو ڪم ڪريو خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي دسمني آهي ته اهو ذاتي حيثيت ۾ گارڊ رکي هنچ يو ته هي رسڪ اسان پاڻ لنئي آهي واري ۾ ناهي ته عهدو ڇڏي ڏيو عوام تڪليف ۾ آهي ۽ هي تڪليف حماليه جبل مان به وڏي آهي خواجه آصف چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته پارليامينٽ ميمبرن کي خاص جهاز تي حج ڪرايو پيو وڃي بجيٽ جي ڪري آخري حج اڏام پارليامينٽ ميمبرن لاءِ رکي وئي ۽ هن جهاز ۾عام حاجي به هوندا هن چيو ته پارليامينٽ ميمبر پنهنجي خرچ تي حج تي وڃي رهيا آهن حج تي ويندڙ ڪنهن ايم اين اي کي اضافي سهولت نه پئي ڏني وڃي خواجه آصف چيو ته بجيٽ جو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي هاڻي آئي ايم ايف سان معاهدي جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو وفاقي وزيرچيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمينجي مراعتن واري بل کي قومي اسيمبلي منظور نه ڪري هن غريب قوم جي اهڙين حالتن ۾ سينيٽ جو منظور ٿيل بل ڪنهن به صورت ۾ درست نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو