اقتدار جا مزا ماڻيندڙن کي چونڊن ۾ عوام ياد اچي ٿو

اقتدار جا مزا ماڻيندڙن کي چونڊن ۾ عوام ياد اچي ٿو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال جي بيانن تي سخت ردِعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اقتدار جا مزا ماڻيندڙن کي چونڊون ويجهو ايندي ئي عوام ياد اچي ويو آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته روڊن تي اچڻ جو شوق رکڻ وارا شوق سان اچن، موسم گرم آهي کين پاڻي اسان پيارينداسين. هن چيو ته 18 سالن جو حساب گهرندڙ اڳواڻ پهريان اهو ٻڌائين ته سياست جي لانڊري مان ڌوپجي نڪرڻ جو هنن ڪهڙو حساب ڏنو آهي؟ هن مصطفيٰ ڪمال تي تنقيد ڪندي چيو ته هنن کان چار صوبا نٿا سنڀالجن ۽ کين نون صوبن جي سجهي رهي آهي، سنڌ جو آئيني ۽ جاگرافيائي نقشو ڪنهن اڳواڻ جي ذاتي خواهش تي تبديل نٿو ٿي سگهي.ٻئي پاسي، صوبائي وزير ذوالفقار شاهه چيو ته خالد مقبول صديقي پنهنجي ٻڏندڙ چيئرمين شپ کي بچائڻ لاءِ دربدر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته خالد مقبول ۽ مصطفيٰ ڪمال جي تقسيم اصل ۾ نفرت جي سياست ڪندڙن جو انجام آهي. ايم ڪيو ايم جي ورهايل قيادت کي پهريان پاڻ ۾ اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته عوام ڪنهن جي ڳالهه کي سنجيدگي سان وٺي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو