ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شاعر مشرق علامه قبال کي سندس 147 هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال جو فڪر ۽ فلسفو انصاف تي ٻڌل خوشحال معاشري لاءِ مشعل راهه آهي. سندس چوڻ هو ته علامه اقبال پنهنجي فلسفيانه شاعري سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزادي ۽ اتحاد جي شمع روشن ڪئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄي قوم علامه اقبال جي آگاهي، همت ۽ مقصدن تي ٻڌل حڪمت، ويزن ۽ انقلابي جذبي جو احترام ڪري ٿي. هن چيو ته علامه اقبال جي تعليمات جو مقصد انصاف، برابري ۽ ترقي تي ٻڌل پاڪستان آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄوڪو ڏينهن قومي ترقي لاءِ محنت، هر فرقي جي خاتمي، روشن ۽ متحد پاڪستان جي تعمير جي وچن جو ڏينهن آهي.










