ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي افغانين کي احسان فراموش قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ شاهد آفريدي افغانين کي احسان فراموش قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان هميشه افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو، افغانين جي پريشانين کي پنهنجي پريشاني سمجهو.پنهنجي پوسٽ ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان پنهنجون سرحدون پنهنجن افغان ڀائرن جي لاءِ کولي ڇڏيون ۽ 40 لک پناهگيرن کي پنهنجي زمين تي ترسايو.هن چيو ته مان ذاتي طور تي پنهنجي وسيلن موجب 350 افغان گهراڻن جي سار سنڀال ڪندو رهيس پر انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل ڏينهن افغانستان اهڙن سمورن احسانن کي وساري ڇڏيو.شاهد آفريدي چيو ته افغانستان سرحدن جي کليل جارحيت ڪئي جنهن جو اسان جي فوج ڀرپور طريقي سان جواب ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان کي سوچڻ گهرجي ته پاڪستان انهي جو پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي انهي ڪري ڪنهن اهڙي ملڪ جي هٿ ۾ استعمال نه ٿئي جيڪو اڳ ئي پاڪستان جي اندر دهشتگردن کي تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.










