افغانستان ۾ عيد نماز دوان صدارتي محل تي راڪيٽ حملو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي ملڪن عيد الاضحيٰ اڱاري تي ملهائي. ڪابل ۾ ايوان صدر ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ دوران ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا. جنهن سبب ڪجهه نمازين نماز اڌ ۾ ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڪڻ لاءِ ڀڄڻ لڳا. جڏهن ته اڪثر جماعت نماز پوري ڪئي. ايوان صدر جي گارڊن ۾ صدر اشرف غني، اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي، عبدالله عبدالله سميت ڪافي ناميارن اڳواڻن گڏجي عيد نماز پڙهي. صدارتي محل جي ترجمان موجب 3 راڪيٽ محل جي ويجهو ڪريا.

هي علائقو گرين زون آهي جتي آمريڪا سميت اڪثر ملڪن جا سفارتخانا به آهن. صدر اشرف غني جنهن راڪيٽن جي ڌماڪن سبب سجدي دوران هيڏي هوڏي نه ٿيو. نماز بعد مختصر خطاب ۾ هن چيو ته هن حملي مان واضح ٿيو آهي ته طالبان امن نٿا چاهين. گهرو کاتي جي ترجمان مير واعظ اسٽينڪزئي جو چوڻ اهي ته 3 راڪيٽ ٽرڪ مان فائر ڪيا ويا جن مان هڪ ڦاٽو ئي ڪو نه ۽ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو