افغانستان ۾ طالبان جو فوجي اڏي تي حملو، 10 فوجي مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي هلمند ۾ طالبان فوجي اڏي تي حملو ڪري 10 فوجين کي مارڇڏيو ۽ 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو. افغان ميڊيا مطابق ڌماڪو هلمند جي ضلع سنگين ۾ ملٽري بيس تي ڪيو ويو. افغان آرمي جي 215 ميوند ڪمانڊ جي ترجمان غير ملڪي خبر ايجنسي کي ٻڌايو ته افغان طالبان ملٽري بيس تي حملي لاءِ پهرين سرنگ کي ڌماڪي مواد جي مدد سان تباهه ڪيو. صوبائي پوليس ترجمان به ڌمڪين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فوجين جو موت ملٽري بيس اندر ٿي آهي. طالبان ترجمان ذبيح الله سوشل ميڊيا بيان ذريعي ملٽري بيس تي حملي جي ذميداري قبول ڪندي چيو آهي ته حملو ان جي جنگي ويڙهاڪن ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو