افغانستان ٻيهر دهشتگردن جو مرڪز بڻجي پيو، آمريڪا

افغانستان ٻيهر دهشتگردن جو مرڪز بڻجي پيو، آمريڪا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڳجهن دستاويزن ۾ افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي پناهه گاهه قرار ڏنو ويو آهي. دستاويزن موجب آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ افغانستان داعش لاءِ ڪوآرڊينيشن سينٽر بڻجي ويو آهي، داعش سفارتخانن، گرجا گهرن، ڪاروباري مرڪزن ۽ فيفا ورلڊ ڪپ تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، آمريڪي فوجن جي واپسي کانپوءِ داعش جو نيٽ ورڪ وڌي رهيو آهي. دستاويزن موجب آمريڪي انٽيليجنس ايجنسيون ڪيترائي ڀيرا داعش گروپن وچ ۾ رابطن کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪيون هيون. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بائيڊن انتظاميا ليڪ ٿيل دستاويزن جي تصديق ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي دستاويزن موجب القاعده مسلسل زوال جو شڪار آهي. آمريڪي ميڊيا موجب دستاويزن ۾ افغانستان ۾ القاعده جي ٻيهر اٿڻ جو ذڪر ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو