اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شازيه مري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اپوزيشن جي حامي پي ٽي آءِ جي ڪجهه ميمبرن کي اغوا جي ڊپ سبب سنڌ هائوس ۾ ترسايو آهي. حڪومتي وزيرن جي ڌمڪين ۽ 10 مارچ تي پارليامينٽ لاجز تي پوليس جي ڇاپي جي نتيجي ۾ مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر سنڌ هائوس رهيل آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته ايم اين ايز سنڌ هائوس ۾ رهندا آهن، هر ميمبر کي اتي رهڻ جو حق آهي، هي اپوزيشن ميمبر ۽ اسان جا اتحادي آهن، جن ۾ مسلم ليگ (ن( ج ڪجهه ميمبر به شامل آهن. ٻئي پاسي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ پوليس جا 400 اهلڪار سنڌ هائوس ۾ مقرر آهن جيئن هو هارس ٽريڊنگ لاءِ آندل رقم جي ٻورين جي حفاظت ڪري سگهن.










