اعظم خان منهنجو پسنديدهه  رانديگر آهي: مريم نفيس

اعظم خان منهنجو پسنديدهه رانديگر آهي: مريم نفيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا مريم نفيس جو چوڻ آهي ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جو رانديگر اعظم خان کي تمام گهڻو پسند آهي.ڪرڪيٽر عبدالرزاق کي ”هارنا منع آهي“ ۾ 500 جي ريس ۾ اداڪارا مريم نفيس کي مات ڏئي ڇڏي. شو دوران گذريل ڏينهن ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏيل ميچ تي به دلچسپ تبصرو ڪيو ويو.اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرزاق چيو ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي شروعات سٺي هئي پر لاهور قلندرز جي سڪندر رضا تمام سٺي بيٽنگ ڪئي.ڪرڪيٽر ياسر شاهه چيو ته حسين کي کيڏڻ ضروري هو، سندس نه کيڏڻ سان ٽيم کي نقصان ٿيو.اداڪارا مريم نفيس چيو ته مون کي ناڪاري ڪردار ادا ڪرڻ پسند آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽرن مان اعظم خان کي تمام گهڻو پسند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو