اسڪول ۾ فيس جمع نه ڪرائڻ تي شرمندگي ٿيندي هئي:عامر خان

اسڪول ۾ فيس جمع نه ڪرائڻ تي شرمندگي ٿيندي هئي:عامر خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار ٿيڻ کان اڳ سندس گهر جي اهڙي خراب حالت هئي جو هو بي گهر ٿيڻ جي ويجهو هو. تازو ئي عامر خان ۽ ڪرينا ڪپور جي فلم لال سنگهه چڊا رليز ٿي آهي، فلم جي رليز کان اڳ عامر خان هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي خاندان کي درپيش مسئلن جي ڳالهه ڪئي جنهن دوران هو ماضي کي ياد ڪندي جذباتي ٿي ويو. عامر خان جو چوڻ هو ته ”سڀني جو خيال آهي ته مان وات ۾ چاندي جو چمچو کڻي پيدا ٿيو آهيان، پر ائين نه هو، اسان امير نه هئاسين ۽ نه ئي منهنجو پيءُ تمام سٺو واپاري هو، هن تمام گهڻو پئسو وڃائي ڇڏيو،“ نوبت اچي وئي. هتي ته اسان بي گهر ٿيڻ وارا هئاسين.

پهنجو تبصرو موڪليو