قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي ) ڪچي پل ۾ انسان دوست ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ سپارڪو جي تعاون سان انسان دوست ماڊل اسڪول ۾ هڪ رنگارنگي سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو. ٻارڙن مختلف سائنسي ايجادن جا هو بهو شاندار ماڊل ماڊل ٺاهي اسٽال لڳايا. مختلف اسڪولن جي ٻارن سائنسي ماڊلز ٺاهيا ۽ مشينون هلائي آيل مهمانن کان ڀرپور داد حاصل ڪيو.

ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ۽ شهري اتحاد شهدادڪوٽ جي صدر وهاب پندراڻي ، امتيازعلي بروهي ،گهنور بروهي ، عبدالله کوسو ، عبدالخالق کوسو، عبدالغني مگسي ، غلام شبير مگسي ، خادم حسين بروهي ، نظير کوسو، معشوق مگسي ، گل محمد کرل ، عطاءُ الله پندراڻي ، ابراهيم سيلرو ،منظور علي سيلرو صدام سومرو ،امتياز مگسي ، عفت بتول، آمنه بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سائنسي ميلو منعقد ڪري هتان جي پٺتي پيل شاگردن ۾ سائنسي شعور ڏيڻ جي مثبت ڪوشش آهي. سائنسي ميلي مان معلوم ٿيو ته هتي اسان جي علائقي جي شاگردن ۾ ٽيلنٽ جي ڪمي نه آهي ، پر هتي شاگردن کي رڳو رھنمائي جي ضروت آهي .

اسان مڪمل طرح پر اميد آهيون ته اسان جي اڄ جو شاگرد سڀاڻي جو معمار آهي ۽ اهي اڳتي هلي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري هن علائقي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندا . هنن وڌيڪ چيو ته اهڙا سائنسي ميلا وقت به وقت منعقد ڪري شاگردن ۾ سائنس بابت جاڳرتا ۽ اتساھ پيدا ڪيو وڃي ، ڇو ته اڄ جو دور سائنسي دور آهي سائنس کان سواءِ ترقي ناممڪن آهي .آخر ۾ ماڊل ٺاهيندڙ ۽ ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا.










