ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) اڳوڻي سيڪريٽري بلديات علي احمد لنڊ جي اباڻي ڳوٺ سعيدخان لنڊ ۾ چئن ڪمرن تي مشتمل نئين اسڪولي عمارت جو تعميراتي ڪم ڪافي عرصي کان رولڙي جو شڪار هجڻ ڪري ڳوٺ جا معصوم ٻار مسواڙ تي ورتل هڪ زبون حال ڪمري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن. جنهن جي ڪري نه صرف ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آھي بلڪه معصوم ٻارن جون قيمتي حياتيون به داءُ تي لڳل آھن. مسواڙ تي ورتل ڪمري ۾ صرف ويھن ٻارن جي ويهڻ جي جڳه آھي جتي چاليهه کان مٿي ٻارن کي پڙهائي دوران ويهاريو وڃي ٿو، جڏھن ته اسڪول ۾ ڏيڍ سوءُ کان مٿي شاگردن داخل آھن پر جڳهه نه هجڻ ڪري باقي ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آھن، ان سلسلي ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ ڳوٺاڻن وزيراعلي سنڌ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته اسڪولي عمارت جو تعميراتي ڪم جلد مڪمل ڪرائي معصوم ٻارن کي اتي منتعقل ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي تعليم متاثر نه ٿئي ۽ سندن مستقبل داءَ تي لڳڻ کان بچي سهگي.










