اسڪول تان پوليس ۽ جوارين جو قبضو ختم ڪرايو،هيڊ ماستر

جاتي )محمد صديق ٻارڻ) گورنمنٽ ھاءِ اسڪول گل محمد ٻارڻ جي عمارت انتھائي خطرناڪ بڻجي وئي آهي، ڇت مان ھر وقت ڇاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. صحافين سان ڳالهيائيندي ھيڊ ماستر عزيز خواجا ۽ مقبول خواخا جو چوڻ ھو ته اسان ۽ اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن جي زندگي ھر وقت خطري ۾ آهي اسڪول جي سڄي ڇت ڪريڪ  ٿي چڪي آهي ھر وقت ڇاپڙ ڪرندا رھن ٿا ڪجهه ڏينهن پھرين ڇاپڙ ڪرڻ سبب ڪجهه شاگرد ۽ھڪ استاد زخمي به ٿي پيا هئا. ھنن الزام ھڻندي چيو ته اسڪول جي ھڪ ٻي وڏي بلڊنگ ٺھيل آهي ۽  ان ۾ اسان ڪجهه فرنيچر ۽ الماريون رکرايون پر نامعلوم ماڻهو تالا ٽوڙي اھو سڄو سامان ۽ دروازا دريون پڻ ٽوڙي کڻي ويا.

ھن وقت اسڪول ۾ پوليس لائين لڳل آهي بنا ڪنهن اجازت جي پوليس ٿاڻو قائم ڪري ويٺل آهي. ھنن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته بلڊنگ جي ڪجهه حصي ۾ جواري جوا کيڏن ٿا  بلڊنگ جو ڪمپائونڊ وال به پوليس ٽريڪٽر  جي بليڊ سان ڪيرائي رستو ٺاهي ڇڏيو آهي. بلڊنگ جي  ڀر پاسي ۾ ماڻهن قبضا ڪري دوڪان ٺاهي ڇڏيا آهن. ھنن وزير  اعليٰ سنڌ تعليم کاتي جي صوبائي وزير آئي جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدر آباد ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي جاچ ڪن ۽ ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪن اسڪول تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو