اوٻاوڙو (غلام علي رند) سنڌ حڪومت طرفان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي طرفان آبادگارن جي زمينن مان سيلاب ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي ۾ ٽيوب ويلون لڳايون ويون جيڪي هن وقت اهي مڪمل ناڪارا بڻجي چڪيون آھن ۽ انهن مٿان ڪک ڄمي ويا آھن ۽ انهن جا ملازم گهر ويٺي تنخواه وٺي رهيا آھن. تعلقو اوٻاوڙو ۾ جيڪي به ٽيوب ويلون لڳل آھن ان هڪ هڪ ٽيوب ويل مٿان 2 ملازم هڪ چوڪيدار۽ آپريٽر رکيل آهي مقرر ملازم مان جيڪي ريٽائر ٿي ويا آھن انهن بعد ان جي اولاد کي ملازم مقرر ڪري نوازيو ويو آھي.

اوٻاوڙو اسڪارپ ايريگيشن جي ايس ڊي او اوٻاوڙو کان رپورٽ وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته تعلقي جا ٽيوب ويل خراب پيل آھن مٿين آفيسرن جي ڪوتاهين ڪري آبادگارن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي جنهن ڪرياسان في الحال ڪجھ چئي نه ٿا سگهون. ڊائريڪٽر ۽ انجنيئر صرف ڪرسي تائين محدود آھن جن کان سنڌ سرڪار يا نيب نوٽس وٺڻ لاءِ تيار ناهي ۽ آبادگارن جون زمينون بنجر بڻجي چڪيون آهن. ڪجھ زمينن کي سيلاب وڪوڙي ويو آھي ۽ ڪجھ پاڻي نه ملڻ ڪري غير آباد پيل آھن. ضلع گهوٽڪي جي اسڪارپ کاتي ۾ ساليانو ڪروڙين روپين جي بجيٽ اچي ٿي جيڪا ڪاغذن ۾ ڏيکاري هڙپ ڪئي وڃي ٿي. آبادگارن نيب سکر کي اپيل ڪئي ته ايريگيشن ۽ اسڪارپ عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري آبادگارن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.










