جروار(محمد بخش گبول) اسپتال جي بحالي لاءِ شھرين طرفان 25هين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي. بک هڙتال ڪئمپ تي ايم پي اي علي گوهر خان مهر پهتو جيڪو ڪئمپ تي ويهڻ بجاءِ بيٺي ڪاميٽي اڳواڻن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جروار واسين جو اهو جائز مسئلو آھي هتان جي عوام کي سرڪاري اسپتال ملڻ گهرجي ۽ انهن جي ضرورت آھي جروار هڪ تاريخي شھر ۽ ضلعي ۾ وڏي آبادي وارو شهر آھي. اڳ ۾ اسپتال ٺھڻ وقت به اسان جي اتحادي رحيم بخش خان بوزدار پنهنجي ذاتي زمين ڏني هئي جتي اسپتال جي بلڊنگ تيار ٿي هاڻي به اسان ڪوشش ڪنداسين اپوزيشن ۾ هجڻ سبب ڪيرٻڌڻ لاء تيار نه آھي. ٻئي پاسي جروار سرڪاري اسپتال جي بحالي ڪاميٽي جي اڳواڻن عاجزگبول، غلام حيدر بوزدار، فراز لنڊ ۽ ٻين چيو ته ڊي سي گهوٽڪي، ڊي ايڇ او هليٿ پنهنجي ڪنن ۾ ڪپھ وجهي ڇڏي آھي انهن کي جاڳائڻ لاءِ اسان فيصلو ڪيو آھي ته 20 نومبر تي هزارين علائقي واسين سان گڏ ڊي سي گهوٽڪي آڏو ڌرڻو هڻنداسين جيتري تائين اسپتال بحال نه ٿيندي ايتري تائين اسان خاموش نه ويهنداسين.










