اسٽيٽ بينڪ کان هڪ رپيو ناهي ورتو؛ عبدالحفيظ شيخ

اسٽيٽ بينڪ کان هڪ رپيو ناهي ورتو؛ عبدالحفيظ شيخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي مشير خزانه ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته موجوده حڪومت گذريل 6 مهينن دوران اسٽيٽ بينڪ کان هڪ رپيو به قرض ناهي ورتو. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته موجوده حڪومت گذريل 6 مهينن دوران اسٽيٽ بينڪ کان قرض ناهي کنيو. عبدالحيفظ شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته برآمدات تي مبني اقتصادي برتري لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون سرمائيڪاري نه هجڻ ۽ صرف ٻاهران شيون گهرائڻ فائديمند ثابت نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو