ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي پاليسي ريٽ 100 بيسس پوائنٽس وڌائي 16 سيڪڙو ڪري ڇڏيا. اسٽيٽ بئنڪ جي اعلان موجب اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ڪيو، جيڪو پوءِ 15 سيڪڙو مان وڌائي 16 سيڪڙو ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو دٻاءُ برقرار ۽ توقع کان وڌيڪ آهي، سود جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو مقصد مهانگائي کي روڪڻ آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي بيان موجب فيصلي جو مقصد مالياتي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ به آهي.










