اسٽيل ملز انتظاميه پگهار بند، قبرن جي فيس وڌائي ڇڏي

اسٽيل ملز انتظاميه پگهار بند، قبرن جي فيس وڌائي ڇڏي

ملير (رپورٽ طارق جان  سھتو)پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا پاران اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ اسٽيل ملز جي ملازمن توڙي عام ماڻھن جي فوت ٿيل عزيزن کي دفنائڻ لاءِ  قبرن جي فيس ۾ واڌ خلاف پ پ ضلع ملير جي جنرل سيڪريٽري ايم پي اي ساجد جوکيو ، چيئرمين ضلع ڪائونسل سلمان مراد ميمبرضلع ڪائونسل يوسي 23 گلشن حديد پاران اسٽيل مل جي ان فيصلي خلاف وڪيل لطف الله سيلرو معرفت قانوني نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيل ملز انتظاميه نئين حڪم موجب نجي ماڻهن لاءِ قبر جي فيس ڏھ ھزار , روزانه اُجرت جي ملازم لاءِ ست هزار ۽ ڪانٽريڪٽ ملازم لاءِ چار هزار فيس مقرر ڪئي هئي. رقم انتظاميا وٽ پيشگي جمع ڪرائڻ کان پوءِ تدفين جي اجازت هئي. جڏهن ته اسٽيل مل جي  روزانه اُجرت ۽ ڪانٽريڪٽ وارن ملازمن کي پنج مهينن کان پگھارون نه مليون آھن. انتظاميا جي حڪم موجب اسٽيل ٽائون ۾ صرف گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي رهاڪن کي پنهنجا عزيز دفنائڻ جي اجازت آهي جڏهن ته آس پاس جي ٻين علائقن جا رهاڪو اسٽيل مل قبرستان ۾ پنهنجا عزيز دفنائي نٿا سگهن اسٽيل مل انتظاميا جي انهي ڪيل ظالماڻي  فيصلي جي خلاف پيپلز پارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، چيئرمين ضلع ڪائونسل ڪراچي سلمان مراد ميمبر ضلع ڪائونسل ڪراچي يو سي ۲۳ گلشن حديد پاران ايڊووڪيٽ لطف الله سيلرو معرفت اسٽيل مل انتظاميا کي قانوني نوٽيس موڪليوويو آھي. جيڪڏهن انتظاميا فيصلو رد نه ڪندي ته ايندڙ هفتي عدالت ۾ پٽيشن جي درخواست داخل ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو