پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ آئين جي دائري ۾ رهندي ته اکين تي ويهارينداسين، جيڪڏهن آئيني حدون پار ڪندي ته ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا.پشاور ۾ ڪانفرنس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته فوج ۽ ٻيا ادارا سياست تي اثرانداز ٿيندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جون حالتون بهتر نه ٿيون ٿي سگهن.هن چيو ته ڪا جماعت يا ادارو اڪيلي سر ملڪ کي ڏکيائين مان نٿو ڪڍي سگهي، ان مقصد لاءِ سياسي جماعتن ۽ عدليا سميت سڀني ادارن کي گڏجي ويهڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته ملڪ جي تباهي جا ذميوار اسان سڀ آهيون، سياست جو مقصد مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، سياست کي جهيڙو نه بڻائڻ گهرجي.










