اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4 هزار پوائنٽس کان وڌيڪ جي گهٽتائي

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4 هزار پوائنٽس کان وڌيڪ جي گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ايران تي حملا وڌائڻ جي اعلان کان پوءِ اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي.خميس ڏينهن واپار جي شروعات کان وٺي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ شروعات ۾ 100 انڊيڪس 3763 پوائنٽس گهٽجي 151748 تي پهچي ويو.واپار دوران مارڪيٽ ۾ وڌيڪ منفي رجحان ڏٺو ويو ۽ 100 انڊيڪس 4088 پوائنٽس گهٽجي 151423 تي پهچي ويو.پي ايس ايڪس جو 100 انڊيڪس 2.63 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ايران جنگ مان جلد نڪرڻ جي بيان کان پوءِ ڪالهه مارڪيٽ ۾ تيزي سان واڌ ڏسڻ ۾ آئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو