اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، 600 پوائنٽ جي واڌ

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، 600 پوائنٽ جي واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ خميس تي شيئرز جي ڪاروبار ۾ تيزيءَ نظر آئي. ماهرن موجب ان تيزي جو سبب سان وڌيا، آئي ايم ايف پروگرام جي بحاليءَ بابت ميڊيا ۾ هلندڙ خبرن جي ڪري آئي. بينچ مارڪ KSE-100 انڊيڪس 633.74 پوائنٽ يا 1.6 سيڪڙو تائين واڌ رڪارڊ ٿي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 40,350.89 پوائنٽن تي بند ٿيو. ياد رهي ته سعودي عرب پاران 2 ارب ڊالي جي اضافي امداد پاڪستان کي ڏيڻ واري آڇ جي آءِ ايم ايف به تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو