ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتو سياسي خدشن جي ور چڙهي ويو.ملڪ ۾ سياسي غير يقيني صورتحال ۽ نامساعد حالتن جي ڪري ڪاروباري هفتي ۾ انڊيڪس منفي رهيو ۽ سيڙپڪارن کي 143 ارب جو نقصان ٿيو.پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس هفتي جي آخر ۾ 754 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 41487 تي بند ٿيو ۽ ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 983 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو جڏهن ته ڪاروباري هفتي دوران 667.6 ملين شيئرز جو واپار ٿيو. شيئر مارڪيٽ جو هفتيوار ٽران اوور 20 ارب 20 ڪروڙ رپيا رهيو ۽ هڪ هفتي دوران مارڪيٽ سرمائيداري 143 ارب جي گهٽتائي سان 6212 ارب رپيا ٿي وئي.










