اسٽاڪ مارڪيٽ  صبح جو ٻاڙائي بعد ٻيو سيشن گرين

اسٽاڪ مارڪيٽ صبح جو ٻاڙائي بعد ٻيو سيشن گرين

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد مندي جي ڪري انڊيڪس هڪ لک 70 هزار پوائنٽن جي حد به وڃائي ويٺو. ڪاروباري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ئي اسٽاڪ اڪسچينج ۾ منفي لاڙو ڏسڻ ۾ آيو، 1800 کان وڌيڪ پوائنٽن جي ڪمي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 69 هزار 885 پوائنٽن جي سطح تي اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان اسٽاڪ اڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 2690 پوائنٽن جي ڪمي سان هڪ لک 71 هزار 739 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو