اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٽريڊنگ جو هاڪاري زون ۾ شروعات

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٽريڊنگ جو هاڪاري زون ۾ شروعات

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هاڪاري (مثبت) لاڙو ڏسڻ ۾ آيو آهي.ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏٺي وئي، 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ (100) انڊيڪس هڪ لک 78 هزار 281 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو.واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 77 هزار 692 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو