ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي دوران مثبت رجحان ڏٺو ويو، هفتي دوران اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس ۾ 3597 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ پي ايس ايڪس 158,037 پوائنٽس تي بند ٿيو، واپاري هفتي دوران هنڈريڊ انڊيڪس 4851 پوائنٽس جي بينڊ اندر رهيو، هنڊريڊ انڊيڪس 159,337 پوائنٽس جي پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.










