ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن به منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي.بازارِ حصص (شئير بازار) ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 268 پوائنٽس جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ انڊيڪس 1 لک 81 هزار 361 پوائنٽس تي اچي ويو. اڄ هينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 1 لک 80 هزار 31 پوائنٽس جي هيٺين سطح تائين ويو، جڏهن ته 1 لک 82 هزار 276 جي مٿاهين سطح تائين به ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1 لک 81 هزار 629 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.










