ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر تي ڪاروبار کلندي ئي هنڊريڊ انڊيڪس 9780.15 منفي هليو ويو. جيڪو انٽرا ڊي ۾ هڪ موقعي تي 13 هزار پوائنٽس کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي پر بعد ۾ مارڪيٽ بند ٿيڻ کان اڳ 11015.96 جي گهٽتائي (7.52 سيڪڙو) سان هنڊريڊ انڊيڪس 146480.14 تي پهچي وئي. سومر تي رڳو 33 ڪمپنين جا شيئر گرين رهيا، 386 ڪمپنين جا شيئر ريڊ زون يعني نقصان ۾ بند ٿيا ۽ 148 ڪمپنين جي شيئرز ۾ ڪا ڦير ڦار نه ٿي. جنهن سبب ايمرجنسي بريڪ ورتو ويو. هنڊريڊ انڊيڪس جيڪو ٻه هفته اڳ 2 لک جي ويجهو هو، اهو 147710 تي پهتو آهي. 45 منٽن جي وقفي بعد جڏهن ٻيهر مارڪيٽ کليو ته وري هنڊريڊ انڊيڪس13 هزار پوائنٽ کان به هيٺ ڪري پيو.










