لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ عمران خان جي اشاري جا منتظر آهيون.لاهور ۾ پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مونس الاهي به موجود هو، ملاقات ۾ سياسي صورتحال، پنجاب اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن ۽ قانوني معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.چوڌري پرويز الاهي چيو ته اسان عمران خان سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين، 27 ڪلو ميٽرن جي وزيراعظم جي پيرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي.هن چيو ته اسان جنهن جو ساٿ ڏيندا آهيون ته ان سان نڀائيندا آهيون، پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ عمران خان جي اشاري جا منتظر آهيون.سندس چوڻ هو ته اپوزيشن وارن جا نمبر گهٽ ۽ ڳالهيون وڌيڪ ٿا ڪن، بي اعتمادي ۽ گورنر راڄ جون ڳالهيون ڀڀڪيون ثابت ٿينديون، عمران خان قوم جو حقيقي ليڊر آهي، پنجاب اسيمبلي ۽ وڏ وزارت سندس امانت آهي.










