اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسمگل ٿيل گاڏين کي ريگيولرائيز ڪرڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اسڪينڊل ۾ ملوث 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان 7 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن، ايف بي آر چيو آهي ته 28 آگسٽ 2025 تي ايف آءِ اي انهن آفيسرن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي. اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي اڄ ايف آءِ اي پاران باضابطه طور تي گرفتار ڪيو ويو. آگسٽ 2021 ۾، گاڏين جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ‘نيلامي ماڊيول’ متعارف ڪرايو ويو هو. جولاءِ 2025 ۾ نيلامي ماڊيول جي غلط استعمال جون رپورٽون سامهون آيون. ماڊيول جي شروعات کان وٺي، 1,909 گاڏين جي تفصيل سسٽم تي اپ لوڊ ڪئي وئي آهي. تصديق کان پوءِ، اهو معلوم ٿيو ته 103 گاڏيون جعلي يوزر آئي ڊي ذريعي اپ لوڊ ڪيون ويون هيون.43 اسمگل ٿيل گاڏيون اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ۽ قانوني ڪيون ويون هيون. 9 جولاءِ 2025 تي، هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هڪ اسسٽنٽ ڪليڪٽر کي انڪوائري تي معطل ڪيو ويو. وڏي ڏوهاري نيٽ ورڪ ۾ موٽر رجسٽريشن اٿارٽيز جا آفيسر ۽ ڪار ڊيلرز شامل هئا.ايف بي آر چيو آهي ته 9 جولاءِ 2025 تي هڪ جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ باضابطه درخواست ڪئي وئي هئي. هن جي آءِ ٽي ۾ ايف آءِ اي، ڪسٽم ۽ انٽيليجنس ايجنسين جا اعليٰ آفيسر شامل هئا. جي آءِ ٽي کي ڪسٽم ڊجيٽل سسٽم جي هيراڦيري جي جاچ جي ذميواري ڏني وئي هئي.










