اسماعيل هنيه ريموٽ ڪنٽرول بم سان قتل ٿيو، نيو يارڪ ٽائمز

اسماعيل هنيه ريموٽ ڪنٽرول بم سان قتل ٿيو، نيو يارڪ ٽائمز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه اتر تهران ۾ واقع سرڪاري گيسٽ هائوس م باڊي گارڊ سميت ريموٽ ڪنٽرول بم ذريعي 31 جولاءِ اربع تي قتل ڪيو ويو هو. مڊل ايسٽ، ايران ۽ آمريڪي اهلڪارن جو نالو وٺن کانسواءِ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاسداران انقلاب جي محافظن جي خصوصي دستي جي نگراني ۾ هلندڙ هي مهانگي علائقي واري گيسٽ هائوس جي جنهن ڪمري ۾ حماس ليڊر قتل ٿيو، ان ۾ 2 مهينا پهرين بم نصب ڪيو ويو هو. ياد رهي ته قتل جي واقعي بعد ايراني حڪومت اسرائيل تي الزام هڻندي چيو هو ته کيس راڪيٽ يا ميزائيل حملي ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ايراني انقلابي گارڊز جو سرڪاري طور خبرون نشر ڪندڙ نيوز ايجنسي تسنيم موجب حملو ميزائيل سان ڪيو ويو. بعد ۾ ايراني جنرل کي ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو ته حملو اندر فٽ ٿيل ڌماڪيدار مواد سان ٿيو آهي. ايران ۽ حماس پاران اسرائيل تي قتل جي لڳايل الزام جي تصديق يا ترديد اسرائيل ناهي ڪئي. نيويارڪ ٽائمز جي هن رپورٽ بعد ڪهاڻي ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي ۽ اهم سوال اهو آهي ته ايران جي هاءِ سيڪورٽي زون واري گيسٽ هائوس ۾ بم ڪيئن آيو؟ اهو سوال به اٿي ٿو ته پاسداران انقلاب گارڊز جي مرضي بنا اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حماس جو سياسي چيف جڏهن به ايران ايندو هو ته ان ئي گيسٽ هائوس ۾ رهندو هو.

Screengrab, تهران جي اترئين علائقي وارو گيسٽ هائوس جنهن ۾ اسماعيل هنيه قتل ٿيو

سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي ميزائيل ۾ قتل ٿيو ته ايران جو ايئر ڊفينس نظام ڇا پيو ڪري؟ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسماعيل هنيه جي ڀرواري ڪمري ۾ فلسطين جي تنظيم اسلامڪ جهاد جو اڳواڻ ضياد الانخلا ترسيل هو ۽ حملو ايترو ته خاص هو جو ڀرواري ڪمري کي ڪو نقصان نه پهتو. ڌماڪي بعد هنيه جي ڪمري جي ڀت جو ڪجهه حصو ڪري پيو ۽ ڪمرو سخت متاثر ٿيو. رپورٽ موجب حماس جو غزا ۾ ڊپٽي ڪمانڊر خليل الحيا به تهران ۾ هو جيڪو ڌماڪي بعد متاثره ڪمري جي معائني لاءِ پهتو هو. ان کانسواءِ ايراني انقلابي گارڊز جي پرڏيهي آپريشنز جو انچارج جنرل اسماعيل غني به ڌماڪي بعد ڪمري تي پهتو ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنائي کي هنيه جي قتل جو اطلاع ڏنو. جنهن صبح جو 7 وڳي پنهنجي گهر ايران جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ هن اسرائيل تي جوابي حملي جو حڪم جاري ڪيو. ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن نئين چونڊيل ايراني صدر جي سينٽرل تهران ۾ واقع پارليمان ۾ حلف برداري جي تقريب اڱاري تي ٿي هئي ۽ تقريب بعد هنيه ڪافي خوش نظر پئي آيو. منعقد ٿي هئي جنهن ۾ ايران جي سينئر سياسي ۽ فوجي قيادت کانسواءِ 86 ملڪن جا نمائندا شريڪ هيا. ابتدائي جانچ موجب حملو ايترو ته مخصوص جاءِ کي نشانو بنائڻ وارو هو جهڙوڪ آرٽيفيشل انٽيليجنس روبوٽ واري هٿيار جي حملي جيان هو. اهو هٿيار اسرائيل ايران جي نيوڪليئر سائندسدان فخري زاداه کي 2020 ۾ قتل وقت استعمال ڪيو هو. پرڏيهه ۾ آپريشنز ڪندڙ اسرائيل جي سروس موساد جي سربراهه ڊيوڊ برنيا هن سال جنوري ۾ چيو هو ته هو حماس اڳواڻن کي ٽريس ڪري ماريندا، چاهي هو دنيا ۾ جتي به هجن. هنيه جي تهران ۾ جنازي نماز بعد سندس ميت تدفين لاءِ دوحا پهچايو ويو آهي. خطي م ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، آمريڪا پنهنجو جنگي ٻيڙو نار لاءِ روانو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو