اسماعيل راهو جو بدين ۾ قائم رليف ڪئمپن جو دورو

اسماعيل راهو جو بدين ۾ قائم رليف ڪئمپن جو دورو

بدين (ن س)صوبائي وزير سنڌ يونيورسٽي بورڊ ۽ ماحوليات محمد اسماعيل راهو ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان ۽ ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح سان گڏ سيراڻي ۽ ڀڳڙا ميمڻ سميت مختلف رليف ڪئمپن جو دورو ڪيو ۽ ڪئمپن ۾ موجود ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ ڪئمپن ۾ رهندڙ ماڻهن کان موجود سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو پنهنجي هٿن سان امدادي ڪيمپن ۾ موجود ماڻهن ۾ کاڌو ورهايو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تي سنڌ حڪومت ڪئمپن ۾ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي جا چونڊيل نمائندا توهان جي خدمت لاءِ ڏينهن رات توهان سان گڏ هوندا ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز بريفنگ ڏيندي چيو ته هر ڪئمپ ۾ کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. جنهن ۾ هر ڪئمپ ۾ هڪ ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف دوائن سان گڏ هوندو آهي ۽ ڪئمپن ۾ روزاني جي بنياد تي مچھر مار اسپري پڻ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته جنريٽر جي سهولت به موجود آهي. ڍورن جي ويڪسينيشن پڻ ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ساحلي پٽي کان لڳ ڀڳ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي هينئر به جنهن ڳوٺ ۾ ماڻهن جي موجودگيءَ جو اطلاع آهي فوج ۽ رينجرز جي مدد سان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو به فوري عمل جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو