اسلام ڪوٽ ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ

اسلام ڪوٽ (ن س )ٿرپارڪر جي اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.سنڌ جي صحت کاتي موجب، اسلام ڪوٽ ۾ مريضن جي روزاني ڊينگي مثبت ٽيسٽ جي شرح 54 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.صوبائي صحت کاتي چيو آهي ته گذريل هفتي دوران شهر جي چئن پاڙن ۾ 100 مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي.ان حوالي سان، رورل هيلٿ سينٽر جي ايڊمنسٽريٽر چيو ته رورل هيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ ۾ صرف 10 بيڊ آهن، باقي مريض گهرن ۾ آئسوليٽ ٿيل آهن.ڊي ايڇ او هيلٿ ٿرپارڪر موجب، بيڊ وڌائڻ لاءِ متبادل جڳهن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اڄ کان شهر ۾ مڇر مار اسپري ۽ مڇر دانيون پڻ ورهايون وينديون.ٻئي طرف، مريضن شڪايت ڪئي ته انهن کي اسپتال ۾ داخل نه ڪيو پيو وڃي ۽ گهر ۾ علاج ممڪن ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو