اسلام ڪوٽ(ن س) تعلقي اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات برسات کان پوء گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار، تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ شهمير وڪيه ۾ زوردار برسات دوران وڄ ڪرڻ جي سبب جعفر وڪيه ۽ سائينداد وڪيه جون 50 ٻڪريون مري ويون اسلام ڪوٽ ڀرسان لنجا ڪالوني دل پاڙو ۾ محمد لنجو جي گابي تي آسمان وڄ ڪرڻ سبب مري وئي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ تگوسر ۾ آسماني وڄ ڪرڻ سبب غلام علي واگهيلو جو اٺ مري ويو










