اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پهرني جديد آءِ ٽي پارڪ جي تعمير سان پوري ملڪ کي فائدو ٿيندو، وزيراعظم اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪري اتي جاري تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي(آءِ ٽي) پارڪ جي ذريعي 10 هزار نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.انهي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڳالهيون ڪندي چيو ته آءِ ٽي پارڪ تي لاڳت جو اندازو 25 ارب روپيه آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي پارڪ جي تعمير ۾ تعاون تي ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. سهولتن جي اعتبار سان هي جديد ترين آءِ ٽي پارڪ هوندو.هن چيو ته آءِ تي پارڪ تي لاڳت جو اندازو 25 ارب روپيه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. شهباز شريف چيو ته آءِ ٽي پارڪ انهي خطي ۾ رول ماڊل هوندو، آءِ ٽي پارڪ ۾ 120 آفيسون هونديون، بزنس سپورٽ سينٽر به آءِ ٽي پارڪ ۾ قائم ٿيندو. هن چيو ته تعليمي ادارن ۽ ماهرين سان انهي پارڪ جو ويجهو رابطو هوندو. آءِ ٽي پارڪ ۾ ريسٽ هائوس به تعمير ڪيو ويندو. آءِ ٽي پارڪ جي ذريعي 10 هزار نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.هن چيو ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان جو عالمي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري 3 جو ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ تعميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو. خوش جوڳي ڳالهه آهي ته انهي منصوبي جي جلد کان جلد تڪميل جي لاءِ انهي تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي.شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻو آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. مون پاڻ ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي وزارت انهي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ کنيل قدم تيز ڪري.










