اسلام آباد کان 15 شيڊول اڏامون آپريشنل سببن جي ڪري رد

اسلام آباد کان 15 شيڊول اڏامون آپريشنل سببن جي ڪري رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ايئرپورٽ تان اڱاري تي مقرر 15 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.ايئرپورٽ ذريعن موجب اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ پي آءِ اي جون ٻه، خانگي ايئرلائن جون ٻه اڏامون، اسلام آباد ڪوئيٽا، اسلام آباد گلگت، اسڪردو، رياض ۽ ڪابل جون اڏامون منسوخ ڪيون ويون.ان کان علاوه ڪراچي، دبئي، جده، لاهور، ملتان ۽ جده جون اڏامون به منسوخ ڪيون ويون.ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ جده پشاور جي اڏام کي اسلام آباد ڏانهن رخ ڪيو ويو جڏهن ته جده لاهور جي اڏام کي فني خرابي سبب رياض روانو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو