اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي نااهلي خلاف احتجاج ڪرڻ تي اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.اسلام آباد جي آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ عامر ڪياني، قيوم عباسي، فيصل جاويد، راجا راشد حفيظ کي نامزد ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه عمر تنوير بٽ، راشد نسيم عباسي ۽ راجا مجيد کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پوليس، ايف سي ۽ انتظاميه تي پٿراءُ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوليس ۽ ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو ته مظاهرين قتل جي ارادي سان پوليس اهلڪارن تي گاڏيون چاڙهيون.ايف آءِ آر جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مظاهرين فيض آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڻن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.










