اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي جي علائقي جي 11 مان پوليس اهلڪار کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار شڪي گاڏيءَ کي هاءِ وي تي روڪي، ڪاغذن جي چڪاس ڪئي ۽ نامڪمل دستاويزن تي آفيسر ڊرائيور کي گاڏي کي پوليس اسٽيشن ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ چيو.پوليس موجب اهلڪار کيس پوليس اسٽيشن وٺي وڃڻ لاءِ ڪار ۾ سوار ٿيو پر ڊرائيور مبينا طور تي اهلڪار کي اغوا ڪري فرار ٿي ويو.










