ٽيرين ڪيس، لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو

ٽيرين ڪيس، لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽر)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي مبينا ڌيءَ تيريان جيڊ جي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي نااهلي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سندس مبينا ڌيءَ تيريان ظاهر نه ڪئي وئي.چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته عمران خان جو اعتراض آهي ته هو هاڻي پبلڪ آفيس هولڊر ناهي رهيو، هن کي اليڪشن ڪميشن سان تصديق ڪرڻي آهي ته موجوده پوزيشن ڪهڙي آهي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته درخواستگذار عمران خان جي 2018 جي حلف نامي کي چئلينج ڪيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرين جيڊ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي مبينا ڌيءَ تيريان بابت ڪيس ۾ عدالت ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو ڪيس ٻڌڻ جي مجاز ناهي. پنهنجي لکت واري جواب ۾ عمران خان اهو به چيو ته جنهن جج اڳ ۾ ئي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي هئي، اهو ڪيس ٻيهر ڪيئن ٻڌي سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو