هاءِ ڪورٽ ايندڙ هفتي جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو

هاءِ ڪورٽ ايندڙ هفتي جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالتي هفتي ۾ 28 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين سمورا جج ڪيس ٻڌندا، ايندڙ هفتي ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ 8 سنگل ۽ 3 ڊويزن بئنچ جوڙيا ويا آهن.جسٽس بابر ستار هڪ مهيني جي موڪل تي واپسي تي 30 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ موجود هوندو.پهرين ڊويزن بئنچ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس تمن رفعت امتياز تي مشتمل هوندي.ٻي ڊويزن بئنچ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي مشتمل آهي.ٽه رڪني بينچ جسٽس حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي مشتمل آهي.سنگل بينچ ڪيسن جي ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تي ڪندي ۽ لارجر بينچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف سوشل ميڊيا مهم تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لارجر بينچ ۾ ٿيندي.توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ لارجر بينچ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري کانسواءِ ٻيا 7 جج شامل آهن.جسٽس بابر ستار جي غير حاضري سبب توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لارجر بينچ نه ٿيڻ سبب ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو