اسلام آباد، پنڊي تيز برسات،واسا جو هاءِ الرٽ

اسلام آباد، پنڊي تيز برسات،واسا جو هاءِ الرٽ

اسلام آباد(بيورو)راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا ٻه شهر طوفاني برساتن ۾ ٻڏي ويا، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، واسا هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.ايم ڊي واسا موجب واسا جا عملدار هيٺاهين وارن علائقن ۾ ڳري مشينري سان موجود آهن، گولاڙهه ۾ 32 ملي ميٽر، چکلالا ۾ 30 ۽ سيدپور ۾ 21 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.اسلام آباد ۾ صبح سوير هلڪي برسات سبب چکوال ۽ شڪر ڳڙهه ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي.جڙيل شهر ڪارن ڪڪرن ۾ ڇانيل آهن، واسا مسلسل برسات سبب راولپنڊي ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ايم ڊي واسا چيو ته بوڪرا ۾ 15 ۽ شمس آباد ۾ 13 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.نالا لئي ۾ کٽاريان وٽ پاڻي جي سطح 5 فوٽ ۽ گولمنڊي پل وٽ 4 فوٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو