ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ اسلاموفوبيا جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته مسلمانن خلاف نفرت ۽ تعصب انسانيت جي بنيادي اصولن جي ابتڙ آهي ۽ اهو عمل عالمي امن ۽ هم آهنگي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. وڏي وزير چيو ته اسلاموفوبيا انساني حقن ۽ سماجي هم آهنگي کي ڪمزور ڪري ٿو، تنهنڪري عالمي برادري کي هن رجحان جي خاتمي لاءِ گڏيل ۽ مؤثر اپاءَ وٺڻ گھرجن. هن چيو ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ مسلمانن کي امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز روين ۽ تعصب کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردي يا انتهاپسندي کي ڪنهن به مذهب، قوم يا تهذيب سان ڳنڍڻ ناانصافي آهي. هن زور ڀريو ته دنيا کي ”اسان ۽ اهي“ واري سوچ مان نڪري گڏيل احترام، برداشت ۽ برابريءَ واري روايت کي ھٿي ڏيڻ گھرجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتي سدائين محبت، رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو پيغام ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سڀني مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي برابر جا حق حاصل آهن ۽ اسان جي ڌرتي سدائين امن، برداشت ۽ گڏيل احترام جي علمبردار رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ثقافت محبت، رواداري ۽ گڏيل احترام جي علامت آهي ۽ سنڌ حڪومت نفرت ۽ تعصب جي سياست کي رد ڪري ٿي. وڏي وزير چيو ته ذميوار سياسي ۽ سماجي قيادت سان گڏ ميڊيا کي به نفرت بدران برداشت، ڳالھھ ٻول ۽ گڏيل احترام کي ھٿي ڏيڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسلاموفوبيا جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي آگاهي، مؤثر قانون سازي ۽ عملي اپاءَ وٺڻ لازمي آهن. هن زور ڀريو ته نفرت پکيڙيندڙ تقريرون ۽ تعصب خلاف عالم سطح تي سخت اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن هڪ پُرامن ۽ منصفاڻو عالمي سماج جوڙي سگھجي. هن چيو ته اسلاموفوبيا خلاف عالمي سطح تي ڳالھيون وقت جي گھرج آهي ته جيئن مختلف مذهبن ۽ ثقافتن وچ ۾ اعتماد ۽ هم آهنگي کي هٿي ملي سگهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت مذهبي آزادي، انساني وقار ۽ سڀني مذهبن جي احترام جي اصولن تي يقين رکي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسلاموفوبيا جي خاتمي لاءِ حڪومتن، ميڊيا ۽ عوام کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ تھ نفرت، تعصب ۽ امتياز جي خاتمي کان سواءِ پُرامن دنيا جو خواب ساڀيان نٿو ٿي سگهي.










