اسرائيل ۾ ڪم ڪندڙ 8 پاڪستانين خلاف ڪيس داخل، 5 گرفتار

اسرائيل ۾ ڪم ڪندڙ 8 پاڪستانين خلاف ڪيس داخل، 5 گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي ميرپورخاص ڪرائم سرڪل جي عملدارن هڪ وڏي ڪارروائي دوران 5 اهڙن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪي مختلف ملڪن کان اسرائيل پهتا هئا ۽ اتي نوڪريون پڻ ورتيون هيون.ايف آءِ اي اختيارين موجب ان سلسلي ۾ 8 جوابدارن خلاف 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جوابدار تل ابيب ۾ مددگار ۽ ڪار واشر طور ڪم ڪندا هئا.گرفتار جوابدارن ۾ نعمان صديقي، ڪامل انور، ڪامران صديقي، محمد ذيشان ۽ محمد انور شامل آهن.جوابدار 4 کان 7 سالن کان تل ابيب ۾ رهيو، جوابدار اسرائيلي ايجنٽ ذريعي داخلا ورتي.جوابدارن اسرائيلي ايجنٽ کي 3 کان 4 لک رپيا ڏنا، سندن تعلق ميرپورخاص سان آهي.جوابدار يورپ جي ويزا تي اردن ايئرپورٽ تان اسرائيل ۾ داخل ٿيندا هئا جڏهن ته ويسٽرن يونين ذريعي پاڪستان ۾ موجود پنهنجن گهرن کي پئسا موڪليندا هئا.جوابدار اردن ايئرپورٽ تان ترڪي، ڪينيا ۽ سري لنڪا ذريعي اسرائيل ۾ داخل ٿيندا رهيا.جوابدار وطن واپسي لاءِ دبئي ذريعي اردن ايئرپورٽ کان ڪراچي ايندا هئا.جوابدارن خلاف پاسپورٽ ايڪٽ ۽ اميگريشن آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو